پاڪستان جي ثانوي اڀرندڙ مارڪيٽ جي حيثيت برقرار

لاهور (ويب ڊيسڪ)فنانشل ٽائمز اسٽاڪ ايڪسچينج پاڪستان جي ثانوي اڀرندڙ مارڪيٽ جي حيثيت برقرار رکي.بلومبرگ جي رپورٽ موجب پاڪستان جي اها حيثيت 6 مهينن تائين برقرار آهي.پاڪستاني شيئر مارڪيٽ جي حيثيت گهٽجڻ جا خدشا هئا، سال 2017ع ۾ پاڪستاني شيئر مارڪيٽ جي سرمائيداري 100 ارب ڊالر هئي.بلومبرگ چيو ته اڄ پاڪستاني شيئر مارڪيٽ جو سرمايو 21 ارب ڊالر آهي.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ مستحڪم حڪومت قائم ٿي وئي آهي، پاڪستان جي نئين حڪومت جي سربراهي هڪ سڌارو پسند وزيراعظم ڪري رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو