شارجا(ويب ڊيسڪ)پاڪستان افغانستان خلاف پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو, 20 اوورز ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 92 رنز اسڪور ڪيون. افغانستان 6 وڪيٽن تان پاڪستان کي شڪست ڏئي ميچ کٽي ورتي. محمد نبي 38 ۽ نجيب الله زدران 17 تي ناٽ آئوٽ رهي يچ کٽي ورتي. ان کان اڳ پاڪستان جو عماد وسيم 18 رنز ٺاهي هاءِ اسڪورر رهيو. جواب ۾ افغانستان جي ٽيم به جٽاءُ نه ڪيو ۽ 23 جي مجموعي اسڪور تي ابراهيم زدران آئوٽ ٿيو، 23 تي گلبدين نائب، 27 جي مجموعي اسڪور تي گرباز، 45 تي ڪريم جنت، آئوٽ ٿي چڪا هئا. گرباز 16 رنز ٺاهيون ۽ باقي 3 مان ڪنهن به ڊبل ڊجٽ نه ڏٺي. ان کان اڳ ميچ ۾ پاڪستان جي چئن رانديگرن ڊيبيو ڪيو آهي. صائم ايوب ۽ محمد حارث اننگ شروع ڪئي ، پاڪستان کي 17 جي مجموعي اسڪور تي پهريون نقصان ٿيو، حارث کي فضل حق جي بال تي عظمت الله ڪيچ ڪيو، هو 11 بالن تي 6 رنز ٺاهي سگهيو. ٽئين اوور ۾ ٿيل ان نقصان بعد عبدالله شفيق آيو جيڪو 22 جي مجموعي اسڪور تي بنا رن ٺاهي عظمت الله جي بال تي ايل بي ڊبليو ٿيو. جنهن بعد پاور پلي ختم ٿيڻ تي صائم ايوب نوين الحق جي بال تي بولڊ ٿيو، هن هڪ ڇڪي ۽ ٻن چوڪن جي مدد سان 15 بالن تي 17 رنز ٺاهيون. طيب طاهر ڪجهه شاٽ بهتر کيڏيا پر هو به گهڻي دير وڪيٽ تي نه بيهي سگهيو، راشد خان جي بال بالر هٿان ڪيچ ٿي ويو، 7 اوور ختم ٿيڻ تي 40 تي 4 آئوٽ ٿي چڪا هئا. اٺين اوور ۾ اعظم خان به زيرو تي آئوٽ ٿيو، مجيب جي بال تي گلبدين هٿان ڪيچ ٿيو. ياد رهي ته شارجه ۾ کيڏي ويندڙ سيريز جي پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ پاڪستان جي وقتي ڪپتان شاداب خان ٽاس کٽي افغانستان کي پهريان بالنگ جي دعوت ڏني. پاڪستان طرفان ميچ ۾ چئن نون رانديگرن صائم ايوب، طيب طاهر، زمان خان ۽ احسان الله کي ڊيبيو ڪرايو آهي. ميچ لاءِ پاڪستاني ٽيم انهن رانديگرن تي مشتمل آهي. پاڪستان: شاداب خان (ڪپتان)، صائم ايوب، محمد حارث، عبدالله شفيق، طيب طاهر، اعظم خان، فهيم اشرف، عماد وسيم، نسيم شاهه، زمان خان ۽ احسان الله.
