پاڪستان جي آسٽريليا اليون کي 6 وڪيٽن تان شڪست

سڊني (ويب ڊيسڪ) پاڪستان آسٽريليا اليون کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي فٽه جي شروعات ڪري ڇڏي. آسٽريليا اليون ٽاس کٽي بيٽنگ ڪئي ته پهرين بال تي عرفان ريان گبسن کي بولڊ ڪري ڇڏيو. ان بعد ڪپتان ڪرسلن ۽ گريزر بيڪ گرڪ سان گڏجي اسڪور 40 تي پڄايو ته 16 بالن تي 24 رنز ٺاهي ڪپتان آئوٽ ٿيو. آسٽريليا اليون 20 اوورز ۾ 6 وڪيٽن تي 134 رنز ٺاهيون. جواب ۾ بابر اعظم ۽ فخر الزمان 78 رنز جي اوپننگ فراهم ڪئي جنهن بعد بابر 34 رنز تي آئوٽ ٿي ويو.فخر، حارث سان گڏجي ٽيم جي سينچري مڪمل ڪرائي 43 رنز تي آئوٽ ٿي ويو. 13 بال باقي هئا ته پاڪستان 4 وڪيٽن تي ٽارگٽ پورو ڪري ورتو. شاداب خان 30 رنز ڏئي 3 وڪيٽون ورتيون ۽ وڏي عرصي بعد واپس ايندڙ عرفان 4 اوورز ۾ 19 رنز ڏئي پهرين بال تي بريڪ ٿرو ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو