پاڪستان 3 وڪيٽن تان افغانستان کي شڪست ڏئي ڇڏي

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان دلچسپ مقابلي بعد افغانستان کي ٽن وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. پاڪستان جي بيٽنگ لائن هڪ دفعو ٻيهر ناڪام ٿي وئي. عماد وسيم 49 رنز ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيو، 49.4 اوورز ۾ پاڪستان ٽارگٽ حاصل ڪيو، عماد وسيم وننگ فور هڻي ميچ کٽرايو. اعماد وسيم 2 وڪيٽ ورتيون ۽ هڪ ڪيچ به پڪڙيو ۽ مين آف دي ميچ رهيو. فغانستان ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ 50 اوورز ۾ 227 تي 9 آئوٽ ٿيا. پاڪستان جي بيٽنگ سروع ٿي ته پهرين اوور جي ٻئي بال تي فخر ايل بي ڊبليو آئوٽ ٿي ويو، امام الحق 36 تي ڪيچ آئوٽ ۽ بابر 45 تي بولڊ ٿيو، ٻئي نبي جي بالن تي آئوٽ ٿيا حفيظ 19 رنز تي ڪيچ ٿيو، حارث سهيل کي راشد ايل بي ڊبليو ڪيو ۽ سرفراز 18 رنز ٺاهي رن آئوٽ ٿيو. ابتدا بهترين هئي پر جلد کين نقصان کڻڻو پيو. رحمت 35 رنز ٺاهي عماد جي بال تي بابر هٿان ڪيچ، گلبدين شاهين جي بال تي سرفراز هٿان 15 رنز تي ڪيچ، هشمت الله زيرو تي شاهين جي بال تي عماد هٿان ڪيچ ، افغان کي شاداب 42 تي بولڊ، خل عماد جي بال تي بائونڊري تي حفيظ هٿان 24 رنز تي ڪيچ ٿيو. نبي وهاب جي بال تي عامر هٿان 16 رنز تي ڪيچ، نجيب الله 42 رنز تي شاهين جي بال تي بولڊ ٿيو، حسن هڪ رن ٺاهي ته وهاب کيس بولڊ ڪيو ۽ راشد 8 رنز ٺاهي فخر هٿان شاهين جي بال تي ڪيچ ٿيو. ڪو به رانديگر ففٽي نه ٺاهي سگهيو. هن ميچ ۾ فتح قومي ٽيم کي سيمي فائنل تائين پهچڻ جي راهه هموار ڪندي. پاڪستان هن وقت تائين عالمي ڪپ ۾ 7 ميچز مان 3 کٽڻ ۾ ڪامياب وئي آهي، 3 هارايون آهن ۽ هڪ بارش جي نظر ٿين ڪري سندس 7 پوائنٽ آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو