اسٽاڪ ۾ هلندڙ هفتي 6 هزار کان وڌيڪ پوائنٽن جو اضافو

اسٽاڪ ۾ هلندڙ هفتي 6 هزار کان وڌيڪ پوائنٽن جو اضافو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ٿيندڙ ممڪنه ڊيل (معاهدي) جي ڪري پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو 100 انڊيڪس ڪاروباري هفتي ۾ 6118 پوائنٽن جي اضافي سان 173,962 تي بند ٿيو.هفتيوار رپورٽ موجب، ڪاروباري هفتي دوران هنڊريڊ انڊيڪس 3,944 پوائنٽن جي بينڊ (حد) ۾ رهيو، جڏهن ته 100 انڊيڪس جي هفتيوار سڀ کان وڌيڪ سطح 174,106 رهي ۽ 100 انڊيڪس جي هفتيوار سڀ کان گهٽ سطح 170,161 رهي. ان دوران بازار (مارڪيٽ) ۾ هفتي دوران 1.06 ارب شيئرز جا سودا 72 ارب رپين ۾ طئي ٿيا. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي مارڪيٽ ڪيپٽلائيزيشن هڪ هفتي ۾ 549 ارب رپيا وڌي 19,166 ارب رپيا ٿي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو