پاڪستاني چونڊن تي خدشا،عوامي حڪومت سان گڏ ھلنداسين:آمريڪا

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيو ملر چيو آهي ته هو پاڪستاني عوام جي چونڊيل حڪومت سان گڏ ڪم ڪندا.واشنگٽن ۾ پريس بريفنگ دوران هن چيو ته هي واضح طور تي مقابلي واري اليڪشن هئي، عوام پنهنجي چونڊ جو حق استعمال ڪيو.هن چيو ته اسان بي ضابطگين جي جاچ ڏسڻ چاهيون ٿا پر جمهوري عمل جو به احترام ڪريون ٿا.ميٿيو ملر وڌيڪ چيو ته پاڪستان جو قانوني نظام آزاد جاچ لاءِ پهريون مناسب قدم هوندو، جيڪڏهن جاچ لاءِ وڌيڪ قدم کڻڻ گهرجن ته ان تي به غور ڪري سگهجي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو