قومي ٽيم ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت لاءِ ڀارت پهچي وئي

لاهور: (وين ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ کيڏڻ لاءِ ڀارت پهچي وئي آهي. ذريعن موجب، قومي ٽيم جي جهاز حيدرآباد دکن جي راجيو گانڌي انٽرنيشنل هوائي اڏي تي لينڊ ڪيو، پاڪستاني ٽيم دبئي رستي حيدرآباد دکن پهتي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستاني ٽيم جي آمد جي موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت اتنظام ڪيا ويا آهن، ويهه کان وڌيڪ سيڪيورٽي گاڏيون هوائي اڏي تي موجود آهن جڏهن ته مختلف چئنل تان پاڪستان ٽيم جي ڀارت پهچڻ جي لائيو ڪوريج جاري آهي. ذريعن موجب، پاڪستان ٽيم کي سخت سيڪيورٽي ۾ ايئرپورٽ کان هوٽل پهچايو ويندو. ڀارتي شهر حيدرآباد دکن پهچڻ تي هڪ ڏينهن آرام کانپوءِ قومي ٽيم ٻئي ڏينهن پريڪٽس سيشن ۾ حصو وٺندي. مشن ورلڊ ڪپ: پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ڀارت پهچي وئي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم 29 سپٽيمبر تي نيوزيلينڊ خلاف پنهنجي پهرين وارم اپ ميچ کيڏندي.

پهنجو تبصرو موڪليو