پاڪستان پاران افغانستان لاءِ وڏي رليف ۽ رعايتن جو اعلان

ڪابل(ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جي سربراهي ۾ پاڪستان جو وفد ڪابل جي هڪ ڏينهن جو دورو ڪري واپس وطن پهچي ويو آهي. شاهه محمود قريشي چيو آهي ته 31 ڊسمبر تائين 8 ڊالر جي ويزا فيس معاف ڪرڻ، سرحي پاس ختم ڪرڻ، واپارين کي وطن پهچڻ وقت 30 ڏينهن جي بزنس ويزا ڏيڻ، افغانستان مان سبزين ۽ فروٽ جي بنا ڊيوٽي پاڪستان موڪلڻ جي اجازت هوندي. افغان شهرين کي آن لائن ويزا جي سهولت به ملندي. هن چيو ته مون حامد ڪرزئي ۽ گلبدين حڪمت يار سان فون تي ڳالهه ٻولهه به ڪئي. هن ٻڌايو ته جلد افغانستان حڪومت جو وفد پاڪستان جو دورو ڪندو. وفد ۾ آءِ ايس آءِ جي سربراهه جنرل فيض حميد، پرڏيهي، ڪامرس کاتن جا سيڪريٽري، ايف بي آر ۽ نادرا جا چيئرمين ۽ ٻيا آفيسر شامل هئا. 15 آگسٽ تي ڪابل تي قبضو ڪري حڪومت ٺاهيندڙ طالبان قيادت سان ملاقاتن جو هي پهريون سرڪاري دورو هو. پاڪستاني قيادت  افغانستان جي عبوري وزيراعظم ملا حسن آخوند سندس ڪابينا جي اهم ميمبرن، ملا عبدالغني برادر ۽ ٻين سان ملاقات ڪئي. ان کان اڳ ڪابل ايئرپورٽ پهچڻ تي افغانستان جي عبوري پرڏيهي وزير امير خان متقي، پاڪستاني سفير منصور احمد خان ۽ ٻين پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جي سربراهي ۾ پهتل وفد جي آجيان ڪئي.

Photo Twitter

پرڏيهي وزارت موجب شاهه محمود قريشي ڪابل ۾ افغانستان جي عبوري وزيراعظم ملا حسن آخوند سان ملاقات ڪئي، افغان عبوري حڪومت جي نائب وزيراعظم مولوي عبدالسلام حنفي شاهه محمود قريشي جي آجيان ڪئي، ان موقعي تي افغان پرڏيهي وزير امير خان به موجود هو ملاقات دوران ٻطرفي دلچسپي وارن معاملن، تجارتي ۽ اقتصادي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ ۽ افغان عوام معاشي بحران مان ڪڍڻ وارن معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ان موقعي تي شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ جٽادار امن جي قيام ۽ استحڪام جو خواهشمند آهي. پاڪستان افغان عوام جي ڏکي گهڙي ۾ هر قسم جي مدد ڪرڻ جو عزم به رکي ٿو ۽ دنيا جي اڪثر ملڪن تي زور ڀريو آهي ته انساني بنيادن تي طالبان حڪومت جي مدد ڪريو. افغان عبوري وزيراعظم ملا حسن اخوند انساني امداد جي بروقت فراهمي تي پاڪستان جي قيادت جا ٿورا مڃيا.

پهنجو تبصرو موڪليو