لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جو دورو ڪرڻ لاءِ بنگلاديشي ٽيم کي سيڪيورٽي ڪليئرنس جو انتظار آهي. مقامي ميڊيا سان ڳالهائيندي بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ جي چيف ايگزيڪيٽو نظام الدين چوڌري چيو ته بنگلاديشي ڪرڪيٽ ٽيم کي 18 جنوري تي پاڪستان اچڻو آهي ليڪن ان جو حتمي فيصلو سيڪيورٽي ڪليئرنس ملڻ تي ڪيو ويندو سيڪيورٽي دوري کان پوءِ اسان جي عورتن ۽ انڊر 16 بوائز ٽيمون کيڏڻ لاءِ ويون هيون ليڪن هن مهل تائين قومي ٽيم لاءِ ڪليئرنس ناهي ملي پاڪستان ۾ بنگلاديش جو هاءِ ڪميشن آهي، آءِ سي سي به سيڪيورٽي جو آزادانه جائزو وٺندي آهي ان طرفان گرين سگنل ملندي ئي ٽوئر لاءِ تياري ورتي ويندي. نظام الدين چوڌري اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان سان سيريز منعقد ڪرڻ ممڪن بڻجي ويندو، ويمنز ۽ انڊر 16 بوائز ٽيمن جو دورو به ڪامياب رهيو ان دوران ڪا غير معمولي صورتحال پيدا نه ٿي ته ڪليئرنس ملي ويندي پر اسان کي آفيشل رپورٽ جو انتظار ڪرڻو پوندو. ياد رهي ته گذريل ڏينهن ڀارتي ميڊيا ۾ اهي اطلاع سامهون آيا هئا ته بنگلاديشي ڪرڪيٽرن کي پاڪستان ۾ ٽيسٽ ميچون کيڏڻ تي تحفظات آهن ۽ دورو صرف 3 ٽي ٽوئنٽي تائين محدو ٿيڻ جو خدشو آهي. ٻئي طرف پي سي بي جو موقف هيو ته اسان آئنده هر هوم سيريز پنهنجي سرزمين تي کيڏڻ جي پاليسي تي عمل ڪنداسين.
