پاڪستاني انٽيليجنس ايجنسين ڀارت جو وڏو منصوبو ناڪام بڻائي ڇڏيو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان جي انٽيليجنس ايجنسين ڀارتي ايجنسين جو وڏو منصوبو ناڪام بڻائي ڇڏيو.منصوبي موجب جبري ڪشميرين کي پئسن جي لالچ ۾ سمگل ڪيو ويندو ۽ موقعو مليو ته اڻڄاتل اسمگلرن کي جعلي آپريشن ۾ ماريو ويندو.ڀارتي ايجنسين جي پلان موجب ان کي بعد ۾ آپريشن جو رنگ ڏئي ذاتي پرچار ڪيو ويندو ۽ الزام پاڪستان تي مڙهيو ويندو.پاڪستان جي انٽيليجنس ايجنسين کي معلوم ٿيو آهي ته ڪاميابي تي 50 رائفلون، 30 پستول، 20 دستي بم، 50 ڪلوگرام منشيات آزاد ڪشمير مان اسمگل ڪرڻ لاءِ هٿ ڪئي وئي هوندي، جعلي اسمگلر ڀارتي فوج هٿان اسمگلنگ دوران مارجي ويا هوندا.ڀارتي پلان موجب آپريشن کي رنگ ڏئي پاڪستان تي دراندازي ۽ دهشتگردي جا الزام لڳايا وڃن ها، آپريشن ۾ شامل آفيسرن کي هٿيارن ۽ تعريفي سرٽيفڪيٽن سان نوازيو وڃي ها.

پهنجو تبصرو موڪليو