پاڪساني سائنسدان سڀ کان ڊگهو چانور تيار ڪرڻ ۾ ڪامياب

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستاني سائنسدانن چانورن جي سڀ کان ڊگهي قسم (9.5 ملي ميٽر) تيار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن.اها ڪاميابي رائس ريسرچ انسٽيٽيوٽ، ڪالا شاهه ڪاڪو جي سائنسدانن حاصل ڪئي آهي، هنن پاران تيار ڪيل سونا سپر باسمتي چانورن جي نئين قسم جي ڊيگهه 9.5 ملي ميٽر آهي، چانورن جي ترقي يافته قسم پي ڪي 2021 هئي، جنهن جي داڻن جي ڊيگهه 8.26 ميٽر هئي. انسٽيٽيوٽ جي چيف سائنسدان سيد سلطان علي ۽ ڊاڪٽر مخدوم صابر موجب PARC ۾ رائس ريسرچ انسٽيٽيوٽ ڪالا شاهه ڪاڪو پاران تيار ڪيل چانورن جي ٻن قسمن کي عام پوکڻ لاءِ منعقد ٿيل ورائٽي ايويوليشن ڪميٽي ۾ تجويز ڪيو ويو آهي. KSK جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر سيد سلطان علي شاهه موجب چانورن جو هڪ قسم سونا سپر باسمتي آهي، جيڪو 9.5 ملي ميٽر ڊگهو آهي، جڏهن ته ساڳئي اداري طرفان تيار ڪيل ٻيو قسم وائيٽل سپر باسمتي سڏجي ٿو. جنهن ۾ لوهه آهي ۽ ملڪ جي پهرين مضبوط قسم آهي جنهن ۾ زينڪ مواد وڌيڪ آهي ان کان علاوه آر آر آئي ڪالا شاهه ڪاڪو ملڪ جي پهرين نئين هائبرڊ قسم جي چانورن جي KSK 2023 پڻ متعارف ڪرائي آهي جنهن جي پيداوار 110 مڻ في ايڪڙ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو