پاپوليشن کاتي پاران فري ميڊيڪل ڪئمپ قائم

ڪنڌڪوٽ (ڊ ر) پاپوليشن کاتي پاران ڪنڌڪوٽ ۾ مفت ميڊيڪل ڪئمپ قائم ڪندي فيملي پلاننگ ھيٺ عورتن جو مفت آپريشن ۽علاج ڪيو ويو. ڊي.او پاپوليشن حاڪم علي تنڃو جي نگراني ھيٺ ڪنڌڪوٽ اسپتال ۾ ڪئمپ قائم ڪندي کين فيملي پلاننگ تي عمل ڪندڙ اٽڪل 30 کان وڌيڪ ايندڙ عورتن جو مفت آپريشن ڪندي کين دوائون پڻ ڏنيو ويون. ڪئمپ ۾ موجود پاپوليشن آفيسر غلام ياسين بجاراڻي ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته سنڌحڪومت جي خاص ھدايتن تي ھڪ روزه فري ميڊيڪل ڪئمپ قائم ڪئي وئي آھي جنھن۾ ماھرڊاڪٽرياڻيون فرائض سرانجام ڏئي رھيون آھن.

ھن چيو ته غربت ۽ خوراڪ جي ڪمي کي سامھون رکندي ڪافي عورتون فيملي پلاننگ تي عمل ڪندي آپريشن ڪرائي رهيون آهن.ھن وڌيڪ چيو ته سنڌسرڪارپاران فيملي پلاننگ تي خاص توجه ڏيندي کين آپريشن کان وٺي انجيڪشن ۽ ٻيون دوائون پڻ مفت فراھم ڪيون پيون وڃن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو