پاناما پيپر، 436 ماڻهن خلاف جاچ، سراج الحق جي درخواست مقرر

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ آف پاڪستان پاناما پيپرز ۾ 436 پاڪستانين خلاف جاچ لاءِ امير جماعت اسلامي پاڪستان سراج الحق جي درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي آهي.سپريم ڪورٽ جي جسٽس سردار طارق مسعود ۽ جسٽس امين الدين خان تي ٻڌل بينچ 9 جون تي ٻڌڻي ڪندي.سپريم ڪورٽ جماعت اسلامي پاڪستان سراج الحق جي درخواست تي اٽارني جنرل ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.2016ع ۾ سراج الحق پاناما پيپرز ۾ شامل 436 پاڪستانين خلاف جاچ جي درخواست ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو