پاسپورٽ بلاڪ آهي، ٻين صوبن جا وزيراعليٰ جهازن تي دورا ڪن پيا

پاسپورٽ بلاڪ آهي، ٻين صوبن جا وزيراعليٰ جهازن تي دورا ڪن پيا

پشاور: (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي چيو آهي ته منهنجو پاسپورٽ بلاڪ آهي پر ٻين صوبن جا وزيراعليٰ 12 ارب جي جهاز تي ٻاهرين ملڪن جا دورا ڪري رهيا آهن.خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پشاور دهشتگردي جي جنگ ۾ تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن ، 200 ارب روپيه خيبرپختونخواهه حڪومت طرفان پشاورين جي لاءِ تحفو آهي. پشاور کي هڪ جديد شهر بنائينداسين.هن چيو ته ڪجهه طاقتون خيبرپختونخواهه حڪومت کي بدنام ڪرڻ چاهين ٿيون، منهنجي خلاف پروپيگنڊا ڪئي وئي پر عوام اهڙن ماڻهن جي پروپيگنڊا کي ناڪام بنائي ڇڏيو.سهيل آفريدي چيو ته خيبرپختونخواهه حڪومت تي ڪرپشن جا الزام لڳايا پيا وڃن. جنهن وٽ ڪرپشن جا ثبوت هجن سامهون کڻي اچي، ڪرپشن جا ثبوت پيش ڪندڙن جي لاءِ وزيراعليٰ هائوس جا دروازا 24 ڪلاڪ کليل آهن. هن چيو ته منهنجو پاسپورٽ بلاڪ آهي پر ٻئي صوبي جا وزيراعليٰ 12 ارب جي جهاز تي ٻاهرين ملڪن جا دورا ڪري رهيا آهن. مون کي ميڊيا تي هڪ منٽ جو به وقت ناهي ڏنو ويندو پر ٻين صوبن جي وڏن وزيرن کي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪوريج ملندي آهي.خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير چيو ته پنجاب ۾ اسان جي ڪارڪنن سان ناروا سلوڪ ڪيو پيو وڃي، پنجاب ۾ اسان جي اڳواڻن جا ڪاروبار به تباهه ڪيا ويا، هن چيو ته اسان تمام گهڻو ظلم برداشت ڪيو آهي، خيبرپختونخواهه سان سوتيلي ماءُ جهڙو سلوڪ هاڻ بند ٿيڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو