پاسداران انقلاب جو مظاهرين خلاف سخت قدم کڻڻ جو فيصلو

پاسداران انقلاب جو مظاهرين خلاف سخت قدم کڻڻ جو فيصلو

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جي پاسداران انقلاب حڪومت مخالف مظاهرين کي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن پيٽرول جي قيمتن ۾ اضافي تي بدامني ختم نه ٿي ته مظاهرين خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. رپورٽ مطابق پيٽرول جي قيمتن ۾ اضافي بعد احتجاج سڄي ملڪ ۾ ڦهلجي ويو آهي ۽ مظاهرين مطالبو ڪيو آهي ته علمائن تي مشتمل اڳواڻ اقتدار ڇڏي ڏين. ايران جي سرڪاري ٽي وي مطابق مڇريل مظاهرين گهٽ ۾ گهٽ 100 بينڪن ۽ ڪيترن ئي درجن عمارتن ۽ گاڏين کي باهيون ڏئي ساڙي ڇڏيو آهي. پاسداران انقلاب جي اهم عهديدار چيو آهي ته جيڪڏهن ضروري سمجهيو ويو ته انهن ماڻهن خلاف فيصلا ڪن ۽ انقلابي ڪارروائي ڪنداسين جيڪي شهرين جي امن ۽ سلامتي لاءِ خطرو بڻجي ويا آهن. ٻئي طرف ايران جي صدر حسن روحاني چيو آهي ته پيٽرول جي قيمتن ۾ اضافي جو مقصد سال ۾ تقريبن 2 ارب 55 ڪروڙ ڊالر اضافي سبسڊي حاصل ڪرڻ هيو. واضح رهي ته گذريل ڏينهن ايران اندر پيٽرول جي قيمتن ۾ اضافي خلاف هلندڙ احتجاج ۽ ڌرڻن دوران سيڪيورٽي فورسز ۽ پوليس اهلڪارن سميت ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا هئا جڏهن ته هزارن کان وڌيڪ فسادين کي گرفتار ڪيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو