پارڪ ۾ مرمتي ڪم جي اوٽ ۾ قديمي وڻن جي واڍي

سکر(جيرام داس ) شهر ۾ قائم تاريخي قاسم پارڪ ۾ مرمتي ڪم دوران ٺيڪيدار ۽ عملي پاران لڳل تاريخي وڻ وڍڻ جو سلسلو جاري آهي. پارڪ ۾ لڳل وڻ رات جي اونداهي ۾ وڍي نامعلوم هنڌ منتقل ڪيا ويا آهن. ان ڏس ۾ سکر جي سياسي سماجي مذهبي تنظيمن جي اڳواڻن توڙي شهرين جو چوڻ آهي ته ميونسپل انتظاميا سکر جي پارڪن جي مرمتي ڪم جي آڙ ۾ لوڪس پارڪ ۾ لڳل قديمي وڻ وڍي رهي آهي. ميونسپل انتظاميا شهر ۾ نوان وڻ لڳائڻ بجاءِ پراڻن وڻن کي به ڪٽي رهي آهي. دنيا ۾ ماحولياتي تبديلي باوجود سکر ۾ پارڪن اندر لڳل وڻ وڍڻ انتهائي افسوس جوڳو عمل آهي. هنن مطالبو ڪيو ته شهر جي پارڪن ۾ لڳل وڻ وڍيندڙن خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي. هوڏانهن پاڪستان تحريڪ انصاف نادرن سنڌ جي جنرل سيڪريٽري مبين احمد جتوئي چيو آھي ته سکر شھر کي خوبصورت بڻائڻ جي نالي تي شھر ۾ لڳل قديمي وڻ وڍيا پيا وڃن. اربين روپيا خرچ ڪرڻ باوجود سکر شھر جي حالت ڏسي روئڻ اچي ٿو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو