ٽڪ ٽاڪ تي پابندي لڳائيندڙ ملڪن جي لسٽ ۾ هڪ نئون اضافو

پئرس(ويب ڊيسڪ)چيني ايپليڪيشن تي پابندي کانپوءِ فرانس به ٽڪ ٽاڪ تي پابندي لڳائڻ وارن ملڪن جي لسٽ ۾ شامل ٿي ويو.فرانس سرڪاري ملازمن جي فون تي ٽڪ ٽاڪ ۽ ٻين ايپليڪيشنن جي ’تفريحي‘ استعمال تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي.فرانسيسي وزارت پبلڪ سيڪٽر ٽرانسفارميشن اينڊ سول سروسز پاران جاري ڪيل بيان موجب حڪومت طرفان لاڳو پابندي تي فوري طور تي عمل ڪيو ويندو.پرڏيهي ميڊيا موجب فرانسيسي عملدارن جو چوڻ آهي ته سرڪاري ملازمن ۽ انتظاميه جي سائبر سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ لاءِ حڪومت ملازمن جي پروفيشنل فونن تي ٽڪ ٽاڪ جهڙي تفريحي ايپليڪيشن جي استعمال تي پابندي لڳائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.اختيارين موجب چيني ايپليڪيشن ٽڪ ٽاڪ جي ڊائون لوڊنگ ۽ استعمال تي فرانس جي يورپي ۽ عالمي ڀائيوارن طرفان پابندي لڳائي وئي هئي، سيڪيورٽي خدشن سبب فرانس به ايپليڪيشن تي پابندي لڳائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، پر پيشيوراڻي معاملن ۾ ايپليڪيشن جي استعمال کان ڇوٽ هوندي.

پهنجو تبصرو موڪليو