ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جناح اسپتال ۾ گذريل ڏينهن 18 سالن جي پهچايل لاش جي سڃاڻپ ٿي وئي. سندس نالو عائشا آهي ۽ هوءَ رحيم يار خان جي آهي. سندس 2 سال اڳ عادل سان شادي ٿي هئي. گلستان جوهر ۾ رهندڙ عائشا جي سس نصرت ثوبيا لاش وصول ڪرڻ سرد خاني آئي پر کيس لاش نه مليو ۽ هوءَ پوليس سان رابطو ڪرڻ کانسواءِ واپس هلي وئي. سندس چوڻ آهي ته اسانجي ڪنهن سان دشمني ناهي، منهنجو پٽ عادل نشي جو عادي آهي ۽ ڊرائيوري ڪندو آهي. ايس ايس پي ڪراچي ڏکڻ اسد رضا ميڊيا کي ٻڌايو ته نصرت ثوبيا غلط بياني پئي ڪري ته هوءَ هڪ هفتي کان پنجاب ۾ آهي. اسين لاش ڇوڪري جي والدين کي ڏينداسين، ڪجهه نامعلوم ڇوڪرا ڊفينس مان لاش ڇنڇر تي جناح اسپتال جي مرده خاني م ڇڏي فرار ٿي ويا هئا. عائشا ٽڪ ٽاڪر آهي کيس قتل ڪيو ويو آهي. هن کي جمن نالي شخص محفلن ۾ موڪليندو هو. لاش جو پوسٽ مارٽم ڪيو پيو وڃي، جمن ۽ ٻين ملزمن جي ڳولا جاري آهي.
