ڪولمبو(ويب ڊيسڪ)پاڪستان پاران 191 جي ڏنل ٽارگيٽ آمريڪا حاصل نه ڪري سگهيو، 20 اوورن م 8 وڪيٽن جي نقصان تي 158 رنز اسڪور ڪيون. پاڪستان کيس 32 رنز تان شڪست ڏئي پنهنجي لڳاتار ٻئي فتح يقيني بڻائي. 9 اوورن ۾ 2 وڪيٽن جي نقصان تي آمريڪا 60 رنزٺاهيون. اوپنر ۽ وڪٽ ڪيپر بيٽسمين انڊريز غوث 2 چوڪا هڻي 13 بالن تي 13 رنز ٺاهي محمد نواز جي بال تي سلمان آغا هٿان ڪيچ ٿيو، ڪپتان مونانڪ پٽيل جيڪو ون ڊائون آيو، 10 بالن تي 3 رنز ٺاهيون ته شاداب پنهنجي ئي بال تي ڪيچ ڪيس. شايان جهانگير ٻن ڇڪن ۽ 5 چوڪن جي مدد سان 34 بالن تي 49 رنز ٺاهي شاداب جي بال تي شاهين آفريدي هٿان ڪيچ ٿيو. عثمان طارق جي پهرين اوور ۾ خواجا نافع ڪيچ ڊراپ ڪيو، 14 اوورن ۾ آمريڪا 3 وڪيٽن جي نقصان تي 99 رنز ٺاهيون هيون. نيٺ عثمان طارق پنهنجي ٽئين اوور ۾ ملند ڪمار کي شاهين آفريدي هٿان ڪيچ ڪرائي ورلڊ ڪپ جي پهرين وڪيٽ ورتي. ملند ڪمار22 بالن تي 29 رنز ٺاهيون. 17 هين اوور ۾ ابرار سنجي ڪرشنامورٿي کي زيرو تي بولڊ ڪيو. 18 هون اوور شاهين ڪرايو کيس بيڪ ٽو بيڪ شڀم رنجاني ٻه ڇڪا هنيس ۽ سندس اوور ۾ 19 رنس ورتيون. 19 هين اوور ۾ عثمان طارق پهرين ٽن بالن تي سنگل رنسون ڏنيون چوٿين ۽ پنجين بالن تي لڳاتار 2 وڪيٽون ورتيون پر هيٽ ٽرڪ نه ڪري سگهيو. آخري اوور ۾ آمريڪا کي 39 رنسون گهربل هيون. آخري اوور جي پهرين بال تي شڀم شاهين کي چوڪو هڻي ففٽي مڪمل ڪئي، ٻئي بال تي هو ايل بي ڊبليو ٿي ويو ته رويو ورتائين پر پوءِ به 51 رنز تي آئوٽ ٿيو. آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ آمريڪا پاڪستان خلاف ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو آهي. پاڪستان 20 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 190 رنز ٺاهيون. آمريڪي بالر شيڊلي 4 وڪيٽون ورتيون. ڪولمبو ۾ کيڏيل ميچ ۾ آمريڪي ٽيم جي ڪپتان ٽاس کٽي پاڪستان کي پهرين بيٽنگ جي دعوت ڏني. پاڪستان 5 اوورن ۾ بغير ڪنهن نقصان جي 54 رنسون ٺاهيون. ڇهين اوور جي پهرين بال تي صائم ايوب ٻن ڇڪن ۽ هڪ چوڪي جي مدد سان 17 بالن تي 19 رنز ٺاهي ڪيچ آئوٽ ٿيو. جنهن بعد ڪپتان سلمان آغا 3 بال کيڏي هڪ رن ٺاهي ساڳئي اوور جي آخري بال تي ڪيچ آئوٽ ٿيو، جنهن بعد صاحبزاده فرحان بابر اعظم سان گڏجي اسڪور اڳتي وڌايو ۽ فرحان ففٽي به مڪمل ڪئي. 14 اوورن بعد پاڻي جي وقفي تائين ٻن وڪيٽن جي نقصان تي 133 پاڪستان ٺاهي چڪو هو. 15 هين اوور ۾ بابراعظم 46 رنز ٺاهي محسن جي بال تي چوڪو هڻي اڳئين بال تي ڪيچ ٿي ويو. هن 32 بال کيڏيا، هڪ ڇڪو ۽ 4 چوڪا هنيا، ساڳئي بالر جي بال تي محمد نواز جو ڪيچ ڪيپر ڊراپ ڪيو. فرحان 41 بالن تي 5 ڇڪن ۽ 6 چوڪن جي مدد سان 73 رنز ٺاهي ڪيچ آئوٽ ٿيو، هن ٽي ٽوئنٽي ۾ هڪ هزار رنز مڪمل ڪيون. 18 هين اوور ۾ شاداب لڳاتار 3 چوڪا هڻي 16 رنز هڪ اوور ۾ ٺاهيون. 19 هين اوور ۾ شاداب 12 بالن تي 30 رنز ٺاهي ڪيچ ٿيو، جنهن بعد فهيم اشرف ٻن بالن تي هڪ رن ٺاهي ڪيچ ٿيو، آخري اوور ۾ محمد نواز به 10 بالن تي پنج رنز ٺاهي ڪيچ ٿي ويو. آخري اوور ۾ عثمان خان بال مس ڪيو ته شاهين آفريدي رن ٺاهڻ لاءِ ڀڳو ۽ عثمان رن آئوٽ ٿيو، جنهن بعد شاهين آفريدي ڇڪو هنيو، آخري بال تي آفريدي اونچي شاٽ کيڏي 3 رنز ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ 4 بالن تي 9 رنز ٺاهي رن آئوٽ ٿيو. آمريڪا خلاف ميچ لاءِ پاڪستاني ٽيم ۾ هڪ تبديلي ڪئي وئي آهي، سلمان مرزا جي جاءِ تي عثمان طارق کي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي. پاڪستاني ٽيم ۾ صاحبزاده فرحان، صائم ايوب، بابر اعظم، سلمان آغا، عثمان خان، شاداب خان، محمد نواز، فهيم اشرف، شاهين آفريدي، عثمان طارق ۽ ابرار احمد شامل آهن. ياد رهي ته پاڪستان پنهنجي پهرين ميچ ۾ نيدرلينڊز کي دلچسپ مقابلي کانپوءِ 3 وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي، جڏهن ته آمريڪا کي ڀارت هٿان شڪست جو منهن ڏسڻو پيو.










