ٽيم کي ورلڊ ڪپ کيڏڻ لاءِ ڀارت وڃڻ گهرجي: عطا تارڙ

گوجرانوالا(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي خاص مددگار عطا تارڙ چيو آهي ته راندين کي سياست سان ملائڻ سبب پي ٽي آءِ چيئرمين ملڪ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي.ڳالهائيندي عطا تارڙ چيو ته راند ۽ سياست ٻه الڳ شيون آهن، راندين کي سياست سان ملائڻ سبب پي ٽي آءِ چيئرمين ملڪ کي تباهه ڪيو.هن چيو ته فٽبال ٽيم وانگر ڪرڪيٽ ٽيم کي به ورلڊ ڪپ ميچ کيڏڻ لاءِ ڀارت وڃڻ گهرجي، بابر اعظم ويرات ڪوهلي کان وڏو رانديگر آهي، بابر جي راند تمام بهتر آهي.ان کانسواءِ هن چيو ته آءِ ايم ايف کي سمورين سياسي پارٽين سان ملڻ جو حق حاصل آهي.هن چيو ته ماضي ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين آءِ ايم ايف پروگرام کي خراب ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو، معاهدو نه ٿيڻ تي خط لکيا ويا.هن چيو ته چيئرمين پي ٽي آءِ پنهنجي دور ۾ 4 ناڻي جا وزير تبديل ڪيا، آءِ ايم ايف جو اليڪشن سان ڪو به تعلق ناهي، آءِ ايم ايف سان 9 مهينن جو اسٽينڊنگ معاهدو آهي.عطاءُ تارڙ چيو ته معاهدي سبب رپيو مستحڪم ٿي رهيو آهي، ڊالر جي قيمت ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي، اسٽاڪ ايڪسچينج تيزي اچي رهي آهي، معاهدي سان اسان کي دوست ملڪن کان وڌيڪ امداد ملندي.وزيراعظم جي خاص مددگار چيو ته توشاخاني جو فيصلو اچي ويو آهي، عدالتي فيصلي کي قبول ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو