ٽيسٽ سيريز ۾ پاڪستان زمبابوي کي ڪلين سوئيپ ڪري ڇڏيو

هراري (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي زمبابوي خلاف ٻئي ٽيسٽ ميچ ۾ به اننگ ۽ 147 رنز تان ميزبان ٽيم کي شڪست ڏئي ٻن ٽيست ميچز جي سيريز م ڪلين سوئيپ ڪري ڇڏيو. ان کان اڳ ميزبان کان ٽي ٽوئنٽي ۽ ون ڊي سيريز ۾ به شڪست ڏئي چڪي آهي. چوٿين ڏينهن جي راند شروع ٿي ته شاهين شاهه آفريدي جي بال تي آخري وڪيٽ ليوڪ جونگوي جي ورتي ۽ رضوان سندس ڪيچ پڪڙيو.

زمبابوي پنهنجي پهرين اننگ شروع ڪئي ته 132 تي سڄي ٽيم ڍير ٿي وئي، رجس چڪابوا 33، ليوڪ جونگوي 19 ۽ ڊونلڊ ٽريپانو 21 رنز ٺاهي نمايان رهيا. حسن علي 5 وڪيٽون ورتيون جڏهن ته ساجد خان 2، شاهين آفريدي ۽ تابش خان هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. زمبابوي فالو آن تي مجبور ٿيو ۽ ٻئي ٽيسٽ ميچ جي ٻئي اننگ ٽئين ڏينهن شروع ڪئي ته اوپنر ڪيون ڪاسوزا 22 رنز تي آئوٽ ٿيو، وڪٽ ڪيپر رجس چڪابوا 80، ڪپتان برينڊن ٽيلر 49 رنز ٺاهي نمايا بيٽسمين رهيا. ليوڪ جونگوي 31 ۽ بليسنگ بنا رن ٺاهي وڪيٽ تي موجود آهن.  زمبابوي جا 9 رانديگر آئوٽ ٿي چڪا آهن. ٻئي اننگ ۾ نعمان علي 5 ۽ شاهين آفريدي 5 وڪيٽون ورتيون آهن. اهڙي طرح زمبابوي ٻئي اننگ ۾ 231 رنز ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. ميزبان ٽيم ٻنهي اننگز ۾363 رنز ٺاهي سگهي پاڪستان 147 رنز ۽ هڪ اننگ تان کين سڪست ڏئي ٻن ٽيسٽ ميچز جي سيريز ۾ وائيٽ واش ڪري ڇڏيو. عابد علي مين آف دي ميچ ۽ حسن علي کي مين آف دي سيريز قرار ڏنو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو