ٽيريان ڪيس، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ لارجر بينچ جوڙي ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مبينه ڌيءَ جي ڄاڻ لڪائڻ تي عمران خان جي نااهلي واري درخواست تي ٻڻي لاءِ لارجر بينچ جوڙي ڇڏيو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق جي سربراهي ۾ 3 رڪني لارجر بينچ جوڙيو ويو آهي. لارجر بينچ ۾ جسٽس محسن اختر ڪياني ۽ جسٽس ارباب محمد طاهر شامل آهن.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ڪاز لسٽ جاري ڪئي وئي آهي. جنهن موجب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو لارجر بينچ 9 فيبروري تي عمران خان نااهلي ڪيس جي ٻڌڻي ڪندو. اڳوڻي وزيراعظم ۽ تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان کي نامزدگي ڪاغذن ۾ ڪوڙ ڳالهائڻ ۽ مبينه ڌيءَ(ٽيران وائٽ) کي ظاهر نه ڪرڻ تي آئين جي آرٽيڪل 62(ون)(ايف) تحت نااهل قرار ڏيڻ جي لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ محمد ساجد نالي هڪ شهري طرفان درخواست ٻڌڻي هيٺ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو