واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي صدر ٽرمپ جو چوڻ آهي ته اسان کي روزانو 2 ارب ڊالر ٽيرف جي مد ۾ ملي رهيا آهن.صدر ٽرمپ ڪوئلي جي پيداوار وڌائڻ لاءِ هڪ ايگزيڪيوٽو آرڊر تي به صحيح ڪئي آهي، ٻئي طرف، جاپان ۽ ڏکڻ ڪوريا جا نمائندا هڪ معاهدي تي ڳالهين لاءِ آمريڪا پهچي رهيا آهن. آمريڪي صدر چين تي 104 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪيو آهي جيڪو اڄ اربع کان عمل ۾ اچي ويو آهي. صدر ٽرمپ اڳ ۾ چين تي 10 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪيو جنهن بعد چين آمريڪي شين تي 34 سي3ڪڙو ٽيرف لاڳو ڪيو، آمريڪا جوابي طور ٽيرف جي حد 50 سيڪڙو ڪئي جنهن بعد چين جي ڇتي تنقيد بعد ٽيرف جي حد 104 سيڪڙو ڪري ڇڏي. آمريڪا جو چوڻ اهي ته هو چين سان تجارتي خسارو گهٽ ڪرڻ لاءِ اپاءَ وٺي رهيو آهي. 2024 ۾ آمريڪا جا چين مان درآمدات438 ارب هئا ۽ چين ڏانهن آمريڪي ايڪسپورٽ رڳو 143 ارب جا هئا يعني آمريڪي تجارتي خسارو رڳو چين سان 295 ارب ڊالر جو آهي.










