’ٽن سونن وارن وارو شيطان‘ ڏسندڙن کي موهي ڇڏيو

’ٽن سونن وارن وارو شيطان‘ ڏسندڙن کي موهي ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي ۾ جاري 39 ڏينهن وارو عالمي ثقافتي ميلو 2025 جاري آهي. فيسٽيول جي ٻارهين ڏينهن جي شروعات برطانيه جي يوريٿم اسٽيج گروپ پاران ٻارن جي خوبصورت ناٽڪ، ’ٽن سونن وارن وارو شيطان‘ سان ڪئي ويئي، جنهن جي هدايتڪاره مارين اسٽوٽ هئي. ناٽڪ ۾ هڪ غريب نينگر جي ڪهاڻي ڏيکاري ويئي، جنهن جي ڄمڻ تي اڳڪٿي ڪئي ويئي ته هوءَ قسمت وارو آهي ۽ هڪ ڏينهن بادشاهه جي ڌيءَ سان شادي ڪندو. بادشاهه پنهنجي قسمت بدلائڻ جي هر ڪوشش ڪري ٿو، پر قسمت جي اڳيان ڪنهن جي هلندي؟ ناٽڪ رنگ، سُر، حرڪت ۽ مزاح جو حسين سنگم هو، جنهن ٻارن ۽ وڏن ٻنهي کي ڏاڍو وڻيو، جڏهن ته فنڪارن جي شاندار ڪارڪردگي تي ماڻهن تاڙيون وڄائي خراجِ تحسين پيش ڪيو. جڏھن ته فلم سيڪشن ۾ اوڀر يورپي فوڪس جي عنوان سان ٽن فلمن جي نمائش ڪئي وئي، جن ۾ اوڀر يورپ جي معاشرتي ۽ انساني ڪهاڻين کي پيش ڪيو ويو. انهن ۾ بيلاروس ۽ ليٿوانيا جي گڏيل پيداوار پڻ شامل هئي. پولينڊ جي هدايتڪاره سيباسچن ڪويدزينسڪي جي مختصر فلم “ماءُ” گهريلو تشدد ۽ عورت جي نجات تي ٻڌل هئي، جيڪا ڏسندڙن جي دلين کي ڇُهي ويئي. ان موقعي تي اسان جي ڌرتي نالي فلم بيلاروس، ليٿوانيا ۽ آمريڪا جي گڏيل ڪوشش هئي، جنهن ۾ جبري لڏپلاڻ ۽ ڪوئلن جي کوٽائي کان متاثر خاندان جي ڪهاڻي پيش ڪئي ويئي. ڪراچي آرٽ ڪائونسل ۾ ھي ميلو جاري آهي. ھتي دنيا جي مختلف ملڪن مان آيل آرٽسٽ ، فلم ميڪر ، ٿييٽر آرٽسٽ پنھنجو فن جو مظاھرو ڪري رهيا آهن. 31 آڪٽوبر تي شروع ٿيندڙ هن ميلي ۾ دنيا جي 141 ملڪن جا هڪ هزار کان مٿي آرٽسٽ شرڪت ڪري رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو