ٽنڊوالهيار ٽڪ ٽاڪر شهمير شيدي روڊ حادثي ۾ فوت

ٽنڊوالهيار: (ن س) ٽنڊوالهيار جو رهواسي ٽڪ ٽاڪر علي حيدر عرف شهمير شيدي روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويو آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته شهمير شيدي حيدرآباد ڀرسان چنگچي ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ سخت زخمي ٿي پيو هو جنهن کي علاج جي لاءِ سول اسپتال حيدرآباد نيو ويو جتي هو زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪيو. سندس فوت ٿيڻ جي خبر ٽنڊوالهيار ۾ پهچڻ کان پوءِ ڏک جي لهر ڇانيل آهي.شهمير شيدي ٽنڊوالهيار شهر جي خواجه اجمير ڪالوني ۾ جنم ٿيو هو. جنهن جو اباڻو ڳوٺ نصير خان منڌواڻي آھي. ڪافي سال اڳ هن مٿان بڪيرا جي ميلي ۾ سندس مامي تشدد ڪيو جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد هن ٽڪ ٽاڪ جي دنيا ۾ پير پاتو ۽ شهمير شيدي جي “ڪيڏانهن ٽپڙ ٻڌيو وڃين پيو ڇا” واري ڊائلاگ واري وڊيو به وڏي شهرت ماڻي. جنهن کان پوء سنڌ جي مشهور ٽڪ ٽاڪرن به کيس داد پڻ ڏني.ياد رهي ته ڪجهه سال اڳ جڏهن ڪورونا جي بيماري پاڪستان ۾ منهن ڪڍيو هو ته سنڌ جي مشهور شاعر ۽ ليکڪ مرحوم نصير نهڙيو شهمير شيدي کي ٽنڊوالهيار پريس ڪلب تي لائيو هلائي کيس وڏي داد ڏياري. شهمير شيدي جي سڀ کان وڏي عادت اها هئي ته پوري سنڌ ۾ جتي به ميلو ٿيندو هو ته شهمير شيدي گهر مان 3/3 ڏينهن گُم ٿي ويندو هو ۽ سندس ماءُ جناح حنيف سميجو وٽ ڳولها ڪندي پهچندي هئي جنهن بعد حنيف سميجو کيس ڳولها ڪري ڳوٺ نصير خان منڌواڻي ماءُ وٽ ڇڏي ايندو هو. شهمير شيدي غريب گهراڻي سان تعلق رکندو هو جنهن ڪري سندس ماءُ هن لاء گهڻو پريشان رهندي هئي ۽ هو هتان هُتان ڪري سندس پرورش ڪندي هئي. جڏهن ته شهمير شيدي جو پيء 8/10 سال اڳ بس تي ڪنڊيڪٽري ڪندو هو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو