ٽرڪ جي ٽڪر سبب رٽائرڊ پوليس اهلڪار فوت

راڻيپور (ن سنڌيار) نوابشاھ باءِ پاس تي ڊائِورشن بورڊ نه هجڻ ڪري عوام لاء موت گهاٽ بڻجي ويو حادثا روز جو معمول بڻيل تيز رفتار ٽرڪ جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر نتيجي ۾ رٽائرڊ  پوليس اهلڪار عبدالرشيد راڄپر ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو. مھراڻ ھاءِ وي تي ڳوٺ پارو خان پاتو لڳ بصرن سان ڀريل  تيز رفتار ٽرڪ جو  ڳوٺ شھبيگ حاجي راڄپر جي رهواسي عبدالرشيد راڄپر جي موٽرسائيڪل کي زوردار ٽڪر هيون. اطلاع ملڻ تي حد جي پوليس حادثي   واري ھنڌ پھچي  ڊرائيور کي ٽرڪ سميت پنھنجي تحويل ۾ ورتو ۽ فوتي جي لاش کي  ڪوٽڏيجي اسپتال منتقل ڪيو جتان ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو فوتي جو لاش گھر پھچڻ تي وارثن ۾ ڪھرام مچي ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو