ٽرڪ جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر هڪ فوت هڪ زخمي

نوشهروفيروز)ن س) قومي شاهراهه تي ڪنڍا کاهي وٽ ٽرڪ جي ٽڪر ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو آهي. ڀريا سٽي کان نوشهروفيروز ايندڙ موٽر سائيڪل کي ٽرڪ ٽڪر هنيو جنهن سبب هڪ ڄڻو محمد عثمان اڄڻ موقعي تي ئي فوت ٿي ويو، جڏهن ته ساڻس گڏ عبدالڪليم زخمي ٿي پيو، موٽر وي پوليس جي اهلڪارن فوتي جو لاش ۽ زخمي کي سول اسپتال نوشهروفيروز پهچايو آهي. جڏهن ته ٽرڪ ڊرائيور ٽرڪ ڪاهي فرار ٿي ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو