ٽريڪٽر ڪلٽي ٿيڻ ڪري هڪ ڀاءُ فوت، ٻيو زخمي

ٺڪراٺو(حضرت گل پٺاڻ) ڳوٺ ڊرگھ ڀٽ ۾ ٽريڪٽر ڪلٽي ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ 12 سالا  درويش صفت نينگر عبدالحليم مهر پٽ خميسو مهر ٿڏي تي فوت ٿي ويو جڏهن ته  سندس 18 سالا  نوجوان ڀاءُ محمد طاهر سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي وارث سي ايم ايڇ  پنوعاقل ڇانوڻي اسپتال کڻائي ويا. معلوم ٿيو آهي ته نوجوان محمد طاهر  پنهنجو ٽريڪٽر ڪم سانگي ڪاهي وڃي رهيو هو ته ته سندس فوتي  درويش ڀاءُ  به ٽريڪٽر تي چڙهي ويٺو ۽ ڪجھ مفاصلي تي وڃڻ بعد ٽريڪٽر سامهون بيٺل وڻ جي اچڻ ڪري اوچتو ٽن ڏيڻ جي صورت ۾ ڪلٽي ٿي پيو جنهن سبب اهو واقعو پيش آيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو