ٽريڪٽر ٽرالي جي ٽڪر سبب 10 مزدور زخمي

صالح پٽ (رپورٽ نياز مهر)ڪاٽن فيڪٽري  ڀرسان  چنگچي موٽرسائيڪل  ۽ ٽريڪٽر  ٽرالي ۾ ٽڪر سبب مزدوري تي ويندڙ 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا. زخمين ۾ شمشاد ڪٽپر شھمير ڪٽپر ڪامران ڪٽپر الطاف شيخ اميد علي ڪٽپر شيراز ڪٽپر لال ڏنو ڪٽپر دلشاد ڪٽپر مريد ڪٽپر احمد علي ڪٽپر ۽ ٻيا شامل آهن. جن کي تعلقعي اسپتال روھڙي مو ڪليو ويو آھي زخمن مان ھڪ ڄڻي احمد علي ڪٽپر جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وڃي ٿي جڏھن ته واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي ٽريڪٽر ڊرائيور فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو صالح پٽ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي جاچ ڪري رهي آهي ته واقعو ڪيئن پيش آيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو