ٽريڪٽر ٺاهيندي هڪ مستري فوت ٻيو زخمي

چوهڙ جمالي (ن س) درگاھ شاھ يقيق تي ٽريڪٽر ٺاهڻ دوران اوچتو ٽريڪٽر هلڻ سبب مسترين مٿان چڙھي ويو هڪ مستري فوت ۽ ٻيو زخمي ٿي پيو. مستري رفيق جتوئي ۽ سندس ننڍو ڀاءُ شير محمد جتوئي هيٺيان ويهي ٽريڪٽر ٺاهي رهيا هئا ته اوچتو ٽريڪٽر ٻنهي مسترين جي مٿان چڙھي ويو جنهن جي نتيجي ۾ مستري رفيق جتوئي ۽ شير محمد جتوئي دٻجي زخمي ٿي پيا زخمين کي چوهڙ جمالي هيلٿ سينٽر آندو ويو جتي شير محمد جتوئي جي حالت نازڪ هجڻ ڪري کيس ڪراچي نيو ويو جتي زخمن جا تاب نه سهندي فوت ٿي ويو . فوت ٿي ويل نوجوان جو مڙھ چوهڙ جمالي جي سسيا ۾ آندو ويو جتي لاش پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو حادثي ۾ فوت ٿيل نوجوان شير محمد جتوئي جي اڄ چوهڙ جمالي ۾ تدفين ڪئي وئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو