ٽرين مان ڪري فوت ٿيندڙ نامعلوم شخص جو لاش هٿ

پڊعيدن(مجاهد شر) ابراھيم شاھ ڦاٽڪ وٽ ڊائون ٽريڪ تي 35 ورھين جي نامعلوم شخص جو لاش ھٿ آيو آهي. پڊعيدن پوليس لاش ضروري ڪاروائي کان پوء ايدھي نوشھروفيروز حوالي ڪري ڇڏيو. پوليس موجب لاش لاھور کان ڪراچي ويندڙ ڪنھن ٽرين تان ڪري فوت ٿيڻ واري جو آهي. سندس کيسي مان سڃاڻپ ڪارڊ ۽ ٻئي  ڪابه شي نہ ملي آھي. ڊيوٽي تي موجود ڊاڪٽر ٻڌايو تہ لاش تازو آھي ظاھري ڪو بہ سبب نہ آھي، سندس کيسي مان ڏھ روپيا تسبيح ڪنگي ۽ لائيٽر مليا آھن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو