ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو سان گڏجي غزه مٿان قبضي ۽ فلسطينين جي نيڪالي وارو اعلان کل جوڳو، انساني حقن جي سنگين خلاف ورزي ۽ مسلم دشمني جو چٽو ثبوت آهي جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي، غزه ۾ يهودي فوج پاران نازي جرمني کان به وڌيڪ جنگي ڏوهه ۽ فلسطيني عوام جي نسل ڪشي ڪئي وئي، غزه جي 27 لک فلسطيني عوام کي طاقت جي زور تي پنهنجي اباڻي ڌرتيءَ تان ڌڪي ٻاهر ڪڍڻ جي سازش ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندي. ان شاالله يهودي فاشسٽ رياست پنهنجي ناجائز ۽ شيطاني چالن ۾ ناڪام ۽ نامراد ٿيندي. صوبائي امير اڄ هڪ بيان ۾ وڌيڪ چيو ته مسلم دنيا جي نام نهاد بي حس ۽ بزدل حڪمرانن پاران غزه مٿان سوا سال تائين بدترين جنگ مسلط ٿيڻ وقت جيڪڏهن فلسطيني عوام ۽ حماس جو ساٿ ڏي ها ته اڄ ٽرمپ پاران غزه جي عوام کي فرعون وانگر ڌمڪيون ڏيڻ جي جُرت به نه ٿئي ها. هڪ سال تائين حماس جي مجاهدين دنيا جي جديد جنگي هٿيارن سان ليس اسرائيلي ۽ آمريڪي ايجنسين توڙي فوج کي ٽوٽا چٻائي ڇڏيا ۽ سندن منصوبن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو انڪري اسرائيل ۽ آمريڪا بهادر پنهنجي شڪست کي لڪائڻ لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر غزه کي جهنم ۾ تبديل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، پر افسوس جو نام نهاد مسلم حڪمران اڄ به خاموش تماشائي بڻيل آهي. غزه مٿان ٻيهر جنگ مسلط ڪرڻ توڙي فلسطيني عوام کي پنهنجي ڌرتي تان بيدخل ڪرڻ وارين ڌمڪين عالمي طاقت آمريڪا ۽ اسرائيل جي منهن تان انسانيت جو نقاب لاهي ڦٽو ڪيو آهي. نيتن ياهو ۽ ڊونلڊ ٽرمپ جا انسان دشمن بيان عالمي قانون جي سراسر خلاف ورزي ۽ وچ اوڀر کي هڪ ڀيرو ٻيهر خوني جنگ ۾ ڌڪڻ جي برابر آهي. ٽرمپ اسرائيلي وحشت ۽ سفاڪيت جو نشانو بڻيل فلسطينين کي بهتر مستبقل ۽ نوڪرين ڏيڻ جو دلاسو ڏئي جلاوطن ڪرڻ بدران ناجائز ۽ قابض يهودين کي آمريڪي سرزمين تي آباد ڪري ته جيئن فلسطين جو مسئلو انصاف موجب حل ٿي سگهي. فلسطيني عوام جي مرضي کان بغير هر قدم خطي جي صورتحال کي وڌيڪ نازڪ ۽ بگاڙ جو شڪار ڪري رهي آهي جنهن جا خطرناڪ نتيجا آمريڪي ۽ اسرائيلي رياست کي به ڀوڳڻا پوندا. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته عالمي قوتون، مسلم دنيا ۽ اقوام متحده في الفور اسرائيل مٿان جنگ بندي معاهدي تي مڪمل عملدرآمد ڪرائين ته جيئن وڌيڪ خونريزي ۽ تباهي کان بچي سگهجي.










