ٽرالر جو رڪشاکي ٽڪر، هڪ فوت، ڊرائيور گرفتار

گهوٽڪي(سليم فضل ڪلهوڙو)چنا پمپ وٽ تيز رفتار ٽرالر رڪشا کي ٽڪر هنيو جنهن جي نتيجي ۾ رڪشا ڊرائيور 27 ساله نوجوان ثناءُ ﷲ پٽ مرحوم حضور بخش ڪلهوڙو فوت ٿي ويو، جڏهن ته واقعي واري هنڌ موجود ماڻهن ٽرالر ڊرائيور  نديم عباس کي پڪڙي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. ٽرالر نمبر PLJ. 850  پڻ بي سيڪشن  پوليس پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي. فوتي نوجوان جو لاش ضروري ڪارروائي کانپوءِ سندس ڳوٺ محمد بچل ڪلهوڙو ۾ وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گهر پهچڻ تي قهرام مچي ويو. واضع رهي ته موقعي تي بيٺل ماڻهن جو چوڻ هو ته  حادثو ان وقت پيش آيو جڏهن ٽرالر  رڪشا کي پٺيان کان ٽڪر هڻي اوورٽيڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو