ٻڏي فوت ٿيل نينا ڀيل جومڙھ فرش موري وٽان ملي ويو

کپرو)رپورٽ خادم سروري) ڳوٺ عبدالخالق لاشاريء ويجهو ٽي ڏينهن اڳ نارا ڪئنال ۾ پير ترڪڻ سبب ٻُڏي فوت ٿيل 12 ورهين جي نينا ڌيء ٽلو ڀيل جو لاش غلام نبي شاھ ويجهو فرش موريء وٽان ملي ويو آهي. اڄ صبح جو فرش موريء وٽ واٽهڙوء پاران لڙهندڙ لاش بابت اطلاع غلام نبي شاھ ٿاڻي تي ڏنو ويو، جنهن بعد پوليس اهلڪار علي گوهر ملاح نارا ڪئنال مان لاش کي ٻاهرڪڍيو. نياڻيء جي چاچي پاران سُڃاڻپ بعد مڙھ کپري آندو ويو ۽ تدفين جا انتظام ڪيا پيا وڃن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو