ٻيلي کاتي جي زمينن تي پوکيل فصل تباهه 90 ايڪڙ خالي

ٻيلي کاتي جي زمينن تي پوکيل فصل تباهه 90 ايڪڙ خالي

ميرپور ماٿيلو(ن س) ٻيلي کاتي جون قبضيدارن خلاف ڪارروايون جاري. ميرپور ٻيلي مان وڌيڪ 90 ايڪڙ زمين خالي ڪرائي وئي، ٽريڪٽرن ذريعي غيرقانوني طور پوکيل فصل تباه ڪيو ويو. خبر موجب ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جي گهوٽڪي جي حڪم مطابق ٻيلي کاتي پاران ضلعي گهوٽڪي ۾ لينڊ مافيا خلاف ڪارروايون ڪيون پيون وڃن ان سلسلي ۾ ڊويزنل فاريسٽ آفيسر ضياد ﷲ لغاري جي اڳواڻي ۾ قبضيدارن خلاف آپريشن ڪري وڌيڪ 90 ايڪڙ ٻيلي کاتي جي زمين خالي ڪرائي تحويل ۾ ورتي وئي آهي. ان سلسلي ۾ ڊويزنل فاريسٽ آفيسر جو چوڻ آهي ته صوبائي صلاحڪار مير بابل خان ڀيو جي هدايتن توڙي ڊسٽرڪٽ سيشن جج/چيئرمين فاريسٽ ڪاميٽي گهوٽڪي جي حڪم تحت ٻيلي جي زمينن تان قبضا ختم ڪرائڻ جو سلسلو جاري آهي، هن ٻڌايو ته ڊپٽي ڪمشنر ۽ ايس ايس پي جي ڀرپور تعاون سان ميرپور ٻيلي ۾ آپريشن ڪري ٻن ڏينهن دوران اربين روپيه ماليت جي 190 ايڪڙ زمين خالي ڪرائي ٻٻر ۽ ٻيا ماحول دوست وڻ لڳايا پيا وڃن هن ٻڌايو ته قبضيدارن ٻيلي کاتي جي زمين ۾ جهوپڙا تعمير ڪيا هئا جن جو مقصد قيمتي وڻ وڍڻ ۽ زمين تي قبضو ڪرڻ هو، آپريشن دوران لينڊ مافيا عورتن کي ڍال طور استعمال ڪندا هئا جنهنڪري ايس ايس پي ليڊيز پوليس فراهن ڪئي جنهن تحت آپريشن مڪمل طور تي ڪامياب رهيو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ٻيلي کاتي جي زمين تي قبضو ڪندڙ خلاف سخت آپريشن جاري رهندو انڪري قبضيدارن کي گهرجي ته فوري طور سرڪاري زمين تان قبضو ختم ڪن ٻي صورت ۾ سندن خلاف ڪيس داخل ڪرايا ويندا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو