ٻيلن جي زمين تي قبضي بابت نيب کي جاچ جو حڪم

سکر(بيورو رپورٽ)سنڌهاءڪورٽ سکر بئنچ پاران ٻيلي کاتي جي زمينن تي قبضا ڪري ٻيلا تباهه ڪرڻ تي عملدارن مٿان ناراضگي جو اظهار ڪندي ڊي جي نيب سکر کي قبضا ڪندڙ ماڻهن خلاف انڪوائري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ٻيلي کاتي جي زمينن تي قبضن واري ڪيس جي سنڌهاءڪورٽ سکر بئنچ جي جسٽس ظفر احمد راجپوت ۽ جسٽس امجد علي سهتو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي ٻڌڻي دوران عدالت سنڌ اندر ٻيلي کاتي جا ٻيلا وڍڻ تي عملدارن مٿان ناراضگي جو اظهار ڪندي جسٽس امجد علي سهتو ريماڪس ۾ چيو ته افسوس پيو ٿئي ته ٻيلا بچائڻ لاء ٻه ماڻهو ۽ ٻيلا ختم ڪرڻ لاء ماڻهن جا لشڪر آهن سنڌ جا ٻيلا هٿ سان تباهه ڪيا ويا آهن ان سان ماحول ۾ بگاڙ آيو آهي ۽ برساتون نه پيون پون جسٽس امجد علي سهتو ريماڪس ۾ وڌيڪ چوڻ هو ته ٻيلي کاتي جي 28 لک زمين جي ڪهڙي صورتحال آهي اها ڪير ٻڌائيندو  درياء سنڌ ۾ ٻه هزار ايڪڙ تان ڍنڍ ختم ڪري اتي به قبضا ڪيا ويا آهن ان ڍنڍ ۾ هزارن جي تعداد ۾ سائيبريا جا پکي ايندا هئا جنهن تي چيف ڪنزرويٽر ٻڌايو ته ان ڍنڍ تان قبضا ختم ڪرايا ويا آهن عدالت پڇاڻو ڪيو ته اوهان ٻڌايو ته قبضا ڪندڙن خلاف ڪهڙي ڪارروائي ڪئي وئي آهي چيف ڪنزرويٽر عدالتي پڇاڻي جواب نه ڏئي سگهيو جڏهن ته جسٽس ظفر احمد راجپوت ريماڪس ۾ چيو ته نيب ڇو خاموش آهي سياسي ماڻهن خلاف ته تڪڙي ڪارروائي پئي ڪري افسوس سان چوڻو پوي پيو ته اڳوڻي چيف ڪنزرويٽر به ٻيلي کاتي جي زمين تي قبضو ڪري باغ هنيو ويو آهي ان دوران اٽارني جنرل عدالت کي درخواست ڪئي ته اسان کي ٺهيل پاليسين تي عمل ڪرائڻ جي اجازت ڏني وڃي جنهن تي عدالت جو چوڻ هو ته اوهان جون پاليسون مڪمل ناڪام ٿي چڪيون آهن اوهان کي ٻيلا ختم ڪرائڻا آهن ته نئون ايڪٽ آڻيو حڪومت اوهان جي آهي موجوده ايڪٽ تحت اسان ڪئين ٿا اجازت ڏئي سگهون ته ٻيلا ختم ڪري واپس زمينون قبضا ڪندڙن کي ٻيهر ڏيو ٻيلا بچائڻ گهرجن ڇو ته ٻيلا هر جاندار لاء اهم آهن جنهن بعد عدالت ڊي جي نيب کي ٻيلن تي قبضا ڪندڙ ماڻهن خلاف انڪوائري جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ٻڌڻي 12 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو