ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه شيڊول کان هٽي اوچتو ٻوڏ متاثر علائقي ٺٽي جي دوري لاءِ پهچي ويو. سيد مراد علي شاهه پاران اوچتو ٺٽو پهچڻ تي آفيسرن جون ڊوڙون لڳي ويون. رپورٽ موجب سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه ٻوڏ ۽ برساتن دوران ٿيندڙ تباهين جو جائزو وٺڻ لاءِ اڄ ٺٽو پهتو. شيڊول موجب وڏي وزير کي ڊي سي آفيس ۾ بريفنگ کان پوءِ ٽينٽ سٽي جو دورو ڪرڻو هو پر هو مڪلي پهچي اوچتو تعلقه گهوڙا ٻاري جي امدادي ڪيمپن ۽ صحت مرڪزن جو دورو ڪيو. سيد مراد علي شاهه هڪ امدادي ڪيمپ ۾ پهتو جتي هن متاثر ماڻهن کان ڄاڻ حاصل ڪئي ۽ ٺٽي جي ڊي سي کي ضروري هدايتون جاري ڪيون وڏي وزير گيل موري جي حيات يونٽ جو پڻ دورو ڪيو جتي هن عملي کان بيمارين جا تفصيل پڇيا ۽ صحت کاتي جي آفيسرن کي ضروري هدايتون جاري ڪيون.ان کان پوءِ وڏو وزير گيل موري جي بند تي پناهه وٺندڙ متاثرين سان ملاقات ڪرڻ پهتو جتي هن متاثرين جون شڪايتون ٻڌيون. هڪ بزرگ پاران بلڊ پريشر جي شڪايت تي وڏي وزير پنهنجو ۽ ان بزرگ شخص جو بلڊ پريشر چيڪ ڪرايو.










