ٻن واقعن ۾ هڪ پورهيت فوت ٻيو قتل، پوليس ڌربڻيل

ملير(رپورٽ درياخان شر) ملير م ٻن مختلف واقعن ۾ ھڪ پورھيت قتل ۽ ٻيو پورهيت فوت، هڪ آغا اسٽيل فيڪٽري ۾ ڪرين جي ٽڪر سان فوت، جڏهن ته  ٻيو پورهيت گلشن حديد بس اڏي وٽ دڪان تي ڇريون هڻي قتل ڪيو ويو. ملير جي بن قاسم ٿاڻي جي حد آغا اسٽيل فيڪٽري ۾ نوجوان ڪولهي پورهيت  ڀيم راج ولد پهلاج  ڪم دوران اوچتو ڪرين مان وزني شئي لڳڻ  سبب موقعي تي فيڪٽري ۾ ئي فوت ٿي ويو. جنهن کي جناح اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد فيڪٽري جي خرچ تي گاڏيون ڪري وارثن سان گڏ پنهنجي اباڻي شهر پنگريو روانو ڪيو ويو. ان موقعي تي فيڪڙي مينيجر دانش ٻڌايو ته ڀيم راج هڪ هفتو اڳ فيڪٽري جي ٺيڪدار وٽ ڪم تي لڳو هو ۽ اڄ ساڻس حادثو پيش آيو. مينيجر فوتي پورهيت جي وارثن کي هرممڪن مدد جو يقين ڏياريو. ٻئي طرف اڄ  شام ڌاري اسٽيل ٽائون ٿاڻي جي حد  گلشن حديد ۾ مسلم ڪوچ بس اڏي تي اٺن سالن کان مڪينڪ جو دڪان هلائيندڙ پورهيت اعجاز علي ولد حسن رڪ کي دڪان جي هلندڙ تڪرار تان پشتو پٺاڻن اوچتو حملو ڪري ڇريون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. فوتي نواجون پورهيت پنهنجي گهر جو اڪيلو ڪمائيندڙ هو پورهيت جي والد حسن رڪ ٻڌايو ته اسان پپري جي مريد گبول ڳوٺ ۾ رهندا آهيون، منهنجو پٽ مڪينڪ جو دڪان هلائي گهر ڀاتين جو پيٽ پاليندو هو، ان دڪان تي قبضي لاءِ ڄاڻايل پٺاڻن اڳ ۾ به ٻه ٽي حملا ڪيا ۽ اڄ نيٺ هنن حملو ڪري منهنجي پٽ کي ناحق قتل ڪري ڇڏيو. هن پوليس تي الزام هنيو ته پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري چريو قرار ڏيئي بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. هن  آءِ جي سنڌ پوليس ۽ ايس ايس پي ملير کان مطالبو ڪيو ته ايماندار آفيسر کان جاچ ڪرائي اسان کي انصاف ڏنو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو