ٻن هفتن کان اغوا ڪيل ڳوٺاڻا بازياب ڪرايو

سکر(رپورٽ امدد علي گل ڪلوڙ) ڪلوڙ برادري جي نيڪ مردن داڪٽر مظفر ڪلوڙ ۽ ٻين پوليس تي زور ڀريو آهي ته 2 هفتا اڳ ڳوٺ حسين ڪلوڙ مان اغوا ٿيل ٻن مغوين کي فوري بازياب ڪرايو وڃي. جاري ڪيل بيان ۾ هنن چيو ته ٻن پورهيت شاهجان ڪلوڙ ۽ بخش علي شيخ کي ڌاڙيلن اغوا ڪري ويا هئا جن کي پوليس اڃا بازياب نه ڪرايو آهي جنهن جي ڪري ڪلوڙبرادري ۾ غم ۽ غصو آهي. ڊاڪٽر مظفر ڪلوڙ وزيراعظم پاڪستان چيف جسٽس پاڪستان وڏي زير سيد مراد علي شاھ سيد خورشيد احمد شاھ ۔سيد ناصر حسين شاھ چيف جسٽس سنڌ، آء جي سنڌ پوليس ڊي آء جي سکر ۽ ايس ايس پي سکر سنگهار ملڪ کان مطالبو ڪيو آھي ته اسان جي ڳوٺ جا ٻه مغوي بازياب ڪرايا وڃن نه ته اسان احتجاجي مظاهرا ڪنداسين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو