ٻن معذور ڀيڻن جي والدين جي علاج لاءِ اپيل

ٽنڊوباگو(رپورٽ: ڄام سھيل سمون) مسڪين پورھيت جون ڳالھائڻ ۽ ھلڻ ڦرڻ کان لاچار ٻه نوجوان نياڻيون پراسرار بيماري ۾ مبتلا آهن ۽ هو غربت سبب علاج لاء ڪنهن مسيحا جون منتظرآهن. ڳوٺ خليفو محمد خان لغاري جي پورھيت علي احمد لغاري جون ٻه نوجوان نياڻيون عظيمان عمر 30 سال، ۽ فھميده عمر 25 سال،کي ننڍي عمر ۾ جلاب، الٽيون ۽ بخار ٿي پيو هو جنهن ڪري انهن جا ھٿ پير ڦري ويا ۽ سندن ڳالھائڻ جي سگھه ختم ٿي وئي، پور وھي کي پھتل ھي ٻئي ڀينرون نه پاڻ ھلي سگھن ٿيون نه کائي پي سگھن ٿيون نه وري ڳالھائي سگھن ٿيون، کين سندن امڙ کارائي، پياري، اٿاري ۽ ويھاري ٿي، ھي ٻئي ڀينرون زنده لاش بڻيل آهن۔ سندن امڙ آصيت ۽ ڀاء محبوب علي لغاري ´´ سنڌيار “  سان ڳالھائيندي چيو ته اسان پنهنجي وس آھر ڪافي علاج ڪرايو آهي، پر اسان مسڪين ۽ غريب آھيون اسان ۾ وڌيڪ اعلاج ڪرائڻ جي طاقت ڪونهي۔ ھنن سنڌ سرڪار ۽ سرندي وارن کان اپيل ڪندي گھر ڪئي ته، اسان جي نياڻين جون ٽيسٽون ڪرائي سندن اعلاج ڪرايو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو