ٻن مختلف واقعن ۾ 2 ٻارڙا فوت، گهرن ۾ قهرام متل

ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ جي مخلتف شهرن ۾ ٻه مختلف واقعا پيش اچڻ سبب 2 نينگر فوت ٿي ويا آهن. غوثپور مان عبدالنبي ملڪ مطابق ڳوٺ مير واحد بخش خان بجاراڻي ۾ گھر ڀرسان موجود تلاءُ ۾ اسڪول کان واپسي تي کيڏندي پنجن ورھين جي معصوم نينگري ڪريمان شيخ ٻڏي وئي سندس ساٿي ٻارڙن طرفان دانھون ڪيون ويون پر ڪير به ويجھو نه ھئڻ سبب نينگري فوت ٿي وئي. اطلاع ملڻ تي وارث ڊوڙندا واقعي واري ھنڌ پھتا ۽ پاڻي جي تلاءُ کان نينگري جو لاش ڪڍيو. معصوم نينگري جو لاش گھر پھچڻ تي سندس ماءُ بيھوش ٿي وئي ۽ ڳوٺ ۾ سوڳ پکڙجي ويو. *** شڪارپور مان ڪاشف نواز ٻرڙو مطابق ڳوٺ امير حمزو ۾ زمين تي ڪري  پيل بجلي جي تار مان ڪرنٽ لڳڻ سبب 9 سالا شير خان پٽ صاحبزادو سولنگي فوت ٿي ويو. ان موقعي تي نينگر جي وارثن احتجاج ڪندي چيو ته اياز سولنگي کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي ڇاڪاڻ ته اسان جي  منع باوجود تار گهر جي مٿان لڳائي جنهن سبب اسان جو معصوم ٻار فوت ٿيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو