فائزعيسيٰ خلاف ريفرنس ٻڌڻ لاءِ فل ڪورٽ جي سفارش

اسلام آباد (اياز مهر) سپريم ڪورٽ جي جج قاضي فائز عيسيٰ خلاف ريفرنس جي سماعت لاءِ چيف جسٽس کي دستياب ججن تي مشتمل فل ڪورٽ قائم ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي. عدالت جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي وڪيل منير اي ملڪ جي ڪيل اعتراضن کي رد ڪيو آهي. اڳ ۾ قائم ڪيل 7 رڪني بينچ مان ٻن ججن ڪيس ٻڌڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. انهن ججن ۾ جسٽس اعجازالحسن ۽ جسٽس سردار طارق مسعود شامل هئا. جسٽس طارق مسعود چيو هو ته اسان بطور جج  کنيل قسم جو مان مٿانهون ڪرڻ چاهيون ٿا ۽ ڪيس ٻڌڻ نٿا چاهيون. اهڙي صورحال بعد بينچ جي سربراهه جسٽس عمر عطا بنديال چيف جسٽس کي فل ڪورٽ جي سفارش ڪئي آهي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سميت عدالت ۾ مختلف بار ڪائونسلز پاران داخل ڪيل 9 پٽيشنز جي سماعت هلندڙ آهي. جسٽس فائز عيسيٰ جي وڪيل منير اي ملڪ اڱاري تي ٿيل ٻڌڻي دوران دليل ڏيندي چيو هو ته “اهل ججن” تي مشتمل فل ڪورٽ ٺاهيو جيڪا هي ڪيس ٻڌي. هن چيو ته بينچ ۾ 2 جج اهڙا به آهن جن جو سڌو مفاد هن ڪيس ۾ شامل آهي. انهن ججن کي بينچ جو حصو نه ٿيڻ گهرجي، اهو عدليه جي مفاد ۾ آهي. جسٽس عطا بڀنديال چيو ته ڪهڙو جج متعصب آهي؟ منير اي ملڪ چيو ته مان نٿو چوان ته ڪو جج متعصب آهي. جسٽس عطا چيو ته هو خاطري ٿو ڪرائي ته ڪو به جج متعصب ناهي، ڪنهن به جج جو مفاد ناهي هر جج آئين ۽ قانون موجب فيصلو ڪندو آهي، اوهان علط سمت ۾ وڃو پيا. منير اي ملڪ چيو ته جيڪي جج مستقبل ۾ چيف جسٽس ٿيندا انهن جو سڌو مفاد لاڳاپيل آهي ۽ اهو ضابطه اخلاق ۾ به شامل آهي ته ڪو به جج جنهن جو مفاد وابسطه هجي هو اهو ڪيس نٿو ٻڌي سگهي. جسٽس عطا بنديال چيو ته اوهان اهو سوال اٿاري عدليه بابت عوام جو اعتماد خراب ٿا ڪريو. ڪو به جج پاڻ ته علحده ٿي سگهي ٿو پر ڪنهن جج کي زوري نٿا هٽائي سگهون ان بابت فيصلا موجود آهن. ياد رهي ته 26 آگسٽ تي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ داخل ڪيل درخواست ۾ فل ڪورٽ جوڙڻ جو چيو هو. هن چيو هو ته جن ججن سپريم جديشل ڪائونسل ۾ سندس موقف ٻڌڻ بنا سندس خلاف فيصلو ڏنو اهي متعصب آهن انهن کي بينچ جو حصو بنجڻ نه گهرجي. هن چيو ته سندس زال ۽ بالغ ٻارن جي خفيه نگراني ڪري مٿن ظلم پيو ڪيو وڃي ۽ قرآن پاڪ چوي ٿو ته ظلم ڪرڻ قتل کان وڏو ڏوهه آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو