ٻار نه ڏيندڙ مڙس ۽ ٻين خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم

نوشھروفيروز(ڊ ر) ايڊيشنل سيشن جج سيد اڪرام الرحمان جي عدالت ايس ايڃ او لاکا روڊ کي ناري جي درخواست تي ٻا نه ڏيندڙ مڙس ۽ ٻين تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. مسمات نازيه جلباڻي، ايڊووڪيٽ اياز علي مري جي معرفت درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو هو ته منهنجي شادي مهدي علي سان ٿيل ھئي جنهن مان  مون کي چار ٻارن حسين احمد، ڪبير احمد، شازيه ۽ ماريه جو اولاد  آھي. منهنجو مڙس مهدي علي  ست مهينا اڳ  مون کي مارڪٽ ڪري طلاق ڏئي گهر مان ڪڍي ڇڏيو آھي ۽ منهنجا ٻار معصوم آھن انهن ٻارن کي  مھدي علي، ڏير امجد علي ۽ محمد علي پاڻ وٽ رکيو ويٺا آھن، جڏھن ته ٻار اسڪول به نٿا وڃن ان ڪري ٻارن جي بھتر مستقبل لاء ٻار مون کي ڏنا وڃن. عدالت اھڙو موقف ٻڌڻ ۽ ڇڪايل ڌر پاران لڳاتار عدالت ۾ نه اچڻ سبب ايس ايڇ او لاکاروڊ کي ڄاڻايل جوابدارن تي ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو