اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وفاقي محتسب اعليٰ اينٽي حراسمينٽ اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان هڪ بينڪ آفيسر کي ٻار جي پيدائش تي موڪل نه ڏيڻ تي 5 لک روپيه ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو آهي.رپورٽ موجب وفاقي محتسب اعليٰ اينٽي حراسمينٽ فوزيه وقار اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان تي هڪ بينڪ آفيسر کي 30 ڏينهن موڪل نه ڏيڻ تي 5 لک روپيه ڏنڊ لاڳو ڪيو آهي.محتسب اعليٰ موجب ڏنڊ جي رقم ۾ 4 لک شڪايت داخل ڪندڙ آفيسر سيد باسط علي کي ادا ڪيا ويندا ۽ مڪمل پگهار سان گڏ انهي کي 30 ڏينهن جي موڪل به ڏني ويندي. انهي کان علاوه اسٽيٽ بينڪ کي ميٽرنٽي ۽ پيدائش موڪل ايڪٽ 2023 جي تحت پاليسي ٺاهڻ جي به هدايت ڪئي وئي آهي.فوسپاهه جو چوڻ آهي ته موڪل کان انڪار منفي بنياد تي حراسمينٽ جي برابر آهي. ميٽرنٽي موڪل ڏيڻ ۽ پيدائش تي موڪل کان انڪار منفي سلوڪ آهي. ٻارن جي سار سنڀال صرف عورتن جي ذميواري نه آهي. موڪل کان انڪار والدين جي گڏيل ذميواري ۽ ٻار جي مفاد کي نقصان پهچائڻ جي برابر آهي.ياد رهي ته اسٽيٽ بينڪ لاڳاپيل پاليسي جي موجود نه هجڻ جو چئي سيد باسط علي کي پٽ جي پيدائش تي ڏنل موڪل جي درخواست کي رد ڪري ڇڏيو هو.










