ٻارڙيءَ سان ڏاڍائي جي الزام ۾ جوابدار گرفتار

ملير ( درياخان شر) ابراھيم حيدري ٿاڻي جي حد ۾ پوليس ڳجهي اطلاع تي ڇاپو هڻي معصوم ڇوڪري سان جنسي ڏاڍائي  جي ڪوشش ڪندڙ  مبينه جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي. گرفتار جوابدار  16 سيپٽمبر تي  گھر ۾ کيڏڻ لاء آيل 4/5 سالن جي ٻارڙي سان  جنسي ڏاڍائي جي ڪوشش ڪئي هئي. ٻارڙي جي والد پوليس کي واقعي جو اطلاع ڏنو. جنھن بعد جوابدار گرفتاري جي خوف کان روپوش ٿي ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو