اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) پاڪستان ۾ ٻارن جي اکين جي ڪينسر جا ڪيس وڌي رهيا آهن ۽ رڳو هڪ سال ۾ راولپنڊي جي الشفا آئي ٽرسٽ اسپتال ۾ 1600 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. ڊاڪٽر تنزيلا فرح صحافين کي ٻڌايو ته اکين جي ڪينسر جا جيڪي ڪيس سندن اسپتال ۾ رپورٽ ٿيا انهن ۾ نون ڄايل ٻارن کان 15 سالن جي عمر وارا ٻار شامل آهن. هن چيو ته هي علاج ڪافي مهانگو ۽ ڊگهي مدت وارو هوندو آهي. اسانجي خيراتي اسپتال ۾ اڪثر مريضن جو مفت علاج ٿيندو آهي. هن ٻڌايو ته اڪثر مريض ڏورانهن علائقن ۾ رهن ٿا ۽ غريب گهراڻن سان تعلق رکن ٿا. ماهرن جو چوڻ آهي ته هي بيماري ٻارڻ ۾ ماءُ جي پيٽ ۾ ئي لڳي ويندي آهي ۽ جينيٽڪ آهي. والدين مان جنياتي طور ٻارن ۾ منتقل ٿيندي آهي. ماهرن جو چون آهي ته ڪڏهن ڪڏهن سج جا الٽرا وائلٽ ڪرڻا به ان بيماري جو سبب بڻبا آهن. گهر ۾ رنگ برنگي بيڊ هڪ حد تائين ان بيماري جو سبب بڻجي سگهن ٿا. ياد رهي ته الشفا ٽرست آئي اسپتال سنڌ جي اڳوڻي گورنر ليفٽيننٽ جنرل (ر) جهانداد خان قائم ڪئي هئي. هن اسپتال جون شاخون سکر، ڪوهاٽ، مظفرآباد ۽ چڪوال ۾ به آهن.
