غوثپور (عبدالنبي ملڪ)ڳوٺ رئيس الله ڏنو ميراڻي ۾ شادي تقريب دوران ٻاراڻي ڳالھ تان ميراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ شروع ٿيل جھيڙو ٻيھر ڀڙڪي پيو .جھيڙي دوران ٻنھي ڌرين جي ماڻھن رات ھڪ ٻئي مٿان لٺين ۽ سروٽن جو آزادانه استعمال ڪيو جنھن سبب ٻن عورتن سميت ٻنھي ڌرين جا ست ماڻھو سخت زخمي ٿي پيا۔ واقعي جي اطلاع بعد غوثپور پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي زخمي مردن توڙي عورتن کي کڻائي شھر جي سرڪاري اسپتال ۾ آندو جتي کين ابتدائي طبي امداد ڏني ويئي۔ زخمين ۾ مسمات پري خاتون۔ مسمات مھناز۔ منظور احمد۔ عبدالغفار۔ رفيق احمد ۽ محمد عظيم ميراڻي شامل آھن. زخمين مان ٻن جي حالت نازڪ ھجڻ سبب کين ڪنڌڪوٽ سول اسپتال موڪليو ويو ھو . اڄ صبح جو ھڪ ڀيرو وري ٻنھي ڌرين ۾ رات واري تڪرار تان جھيڙو ڀڙڪي اٿيو جنھن ۾ ھڪ ڌر جا 4 ڄڻا وزير، رفاقت۔ ميرحسن ۽ نذير ميراڻي سخت زخمي ٿي پيا. ٻنهي زخمين ڌرين جو انگ وڌي 11 ٿي ويو آھي. ذريعن موجب الله ڏنو ميراڻي ۽ غفورو ميراڻي جي ڌرين ۾ پراڻو سڱاوتي تڪرار تان جھيڙو ھلندڙ آهي ۽ رات ٻاراڻي ڳالھ تان ٻئي ڌريون جذبات ۾ اچي شادي تقريب ۾ وڙھي پيون جنھن سبب يارنھن ماڻھو زخمي ٿي پيا۔ حد جي پوليس ٻنھي ڌرين جي ھڪٻئي مٿان داخل ڪرايل اين سي بعد ڪيس جي پوليس وڌيڪ جاچ ڪري رھي آھي۔ متاثر ڌر احتجاج ڪندي الزام ھنيو ته ميراڻي برادري جو چڱو مڙس نصير خان ميراڻي ڪيس ۾ مداخلت ڪري رھيو آھي۔ ايس ايس پي ڪشمور انصاف ڏياري۔ٻئي پاسي ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه آئي آھي.










