ٻئي گردا فيل، انٽر جو شاگرد مدد ۽ معجزي جو منتظر

ٺل(عبدالنبي شيخ) جونگل موڙ جو رهواسي انٽر جو شاگرد 18 سالن جي آصف علي پٽ غلام فريد ڊول جا ٻئي گردا فيل ٿي ويا آهن جنهن ڪري شاگرد جون گذريل هڪ سال کان وٺي تعليمي سرگرميون معطل آهن. بيماري سبب شاگرد هلڻ ڦرڻ کان به لاچار بڻجي پنهنجي والد جو سهارو بڻجڻ بجاءِ ٻوجهه بڻجي ويو آهي. پورهيت فريداحمد ڊول پاران پنهنجي پٽ جي علاج لاءِ پنهنجو الهه تلهه وڪرو ڪندي مختلف شهرن مان علاج ڪرايو آهي پر هن جي صحت ۾ ڪوبه سڌارو نه اچي سگھيو آهي، جنهن ڪري پورهيت جا گهر ڀاتي فاڪاڪشي جي زندگي گهارڻ تي مجبور آهن. ڊاڪٽرن پاران شاگرد جي علاج لاءِ 20 لک خرچ ٻڌايو ويو آهي پر غربت سبب علاج ڪرائڻ کان قاصر آهي. هو ڪنهن مسيحا جو منتظر آهي. هن وس وارن کي اپيل ڪئي ته سندس علاج ڪرائي حياتي بچائي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو