ٺارو شاهه جي صحافي کي ڌمڪي، داد لغاري جي صحافي جي چوري

نوشهروفيروز/ داد لغاري(نمائندن وٽان) ٺاروشاهه جو صحافي موتمار ڌمڪيون ملڻ خلاف عدالت پهچي ويو، جڏهن ته داد لغاري جي صحافي جو چور گهر ٻهاري ويا، پوليس جاءِ واردات ڏسي واپس ٿي وئي. نوشهري مان مشتاق حسين مري موجب ٺارو شاهه جي صحافي مختيار بالادي ڌمڪين خلاف ٿرڊ ايڊيشنل سيشن جج سيد اڪرام الرحمٰن شاهه جي عدالت ۾ درخواست داخلي ڪئي آهي. جنهن ۾ چيو آهي ته منهنجو ٺاروشاهه شهر ۾ ريزڪي دوڪان آهي، جوابدار رضوان بالادي، ڇٽل بالادي، ظهير، وحيد، امجد ۽ وسيم بالادي هٿيارن سميت آيا ۽ مون کان ڀتو گهريو ۽ نه ڏيڻ جي صورت ۾ موتمار ڌمڪيون ڏيندي چيو ته اسان کي 30 لک رپيا ڀتو نه ڏيندي ته توکي ۽ تنهنجي گهرڀاتين کي ماري ڇڏينداسين. عدالت درخواست گذار جو اهڙو موقف ٻڌڻ بعد ايس ايس پي نوشهروفيروز، ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ او ٺاروشاهه کان 11 جون تائين رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. هوڏانهن داد لغاري مان نديم مھر مطابق نامعلوم چور داد لغاري جي سينئر صحافي ۽ داد لغاري پريس ڪلب جي سينئر نائب صدر محمد علي پتافي جي گهران سولر پليٽ، بيٽري، 60 هزار روڪ ۽ ٻيو قيمتي سامان ٻهاري ويا. اطلاع تي پوليس پهچي چوري جي ٿيل واردات ڏسي واپس رواني 2 نامعلوم چورن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو