يو سي ديهات جي اسڪولن ۾ فرنيچر ۽ استادن جي کوٽ

خانواهڻ (عاجز امتياز نوح پوٽو) يُوسي ديهات جا ڪيترائي گورنمينٽ پرائمري بوائز اسڪول ڳوٺ چنيھ نوح پوٽو، محمد حسن جلباڻي، سارنگ ڀنڊ، گاهي خان جلباڻي ۽ ٻيا اسڪول ڪيترين ئي بنيادي سهوليتن کان محروم ۽ ٻين مختلف مسئلن جي وَر چڙهيل، اسڪولن جي اهڙي صورت حال سبب سَوين شاگردن جي تعليم متاثر هئڻ ڪري غريب ۽ مسڪين والدين پنهنجي اولاد کي تعليم ڏيارڻ لاء هر وقت پريشان رهن ٿا پر تعليم کاتو اُگهور ننڊ ۾ سُتل سندن ڪن تي جُون بہ نہ ٿي چُري ۽ انتظاميہ بہ خاموش ۽ تماشائي بڻيل،ڪير بہ پُڇڻ وارو ناهي ديهات شھر جي گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ۾ استادن ۽ فرنيچر جي کوٽ سبب ٻارن جي تعليم سخت متاثر ٿي رهي آهي اهڙي صورت حال ميڊيا کي ٻُڌائيندي استاد مشتاق علي لانگاه، مختيار ڪلهوڙو،محرم علي کوکر ۽ ٻين چيو تہ ديهات جي اسڪول ۾ اڍائي سؤ کان مٿي شاگرد آهن پر فرنيچر۽ استاد بہ پورا ناهن جنهن ڪري استادن ۽ شاگردن کي پڙھائي ۾ ڪيترائي مسئلا ۽ مونجهارا پيش اچن ٿا.بوائز پرائمري اسڪول چنيھ نوح پوٽو ۾ فرنيچر جي کوٽ،ااستاد جي ڪمي۽ ٻين سهوليتن کان محروم هجڻ سبب شاگردن جي تعليم سخت متاثر ٿي رهي آهي ڪيترائي شاگرد هيٺ پَٽَ تي ويهي تعليم پرائن پيا. ميڊيا سان ڳالهائيندي استاد عبدالعزيز ميمڻ، ڳوٺاڻن گلزار علي نوح پوٽو، وحيد احمد نوح پوٽو ۽ ٻين چيو تہ گذريل پندرهن سالن کان اسڪول کي ڪوبہ فرنيچر ناهي مليو.اسڪول ۾ تقريبن نَوي جي لڳ ڀڳ شاگرد آهن ۽ هڪ استاد آهي، ٽوٽل پنج بينچون آهن جنهن ڪري شاگرد هيٺ زمين تي ويهي تعليم پِرائن پيا ۽ اسڪول جي باؤنڊري وال نہ هئڻ سبب اسڪول گَڏَھَن ٻڪرين ۽ ٻين جانورن جو ڄڻ واڙو بڻيل آهي ۽ چوري جو بہ خطرو آهي.هنن حڪومت سنڌ، وزارت تعليم ۽ اعلىٰ اختياريُن کان مطالبو ڪيو تہ اسڪول ۾ سهوليتون مُھيا ڪري شاگردن جو مستقبل سنواريو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو